اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان بي وقت جو راڳ آلاپي رهيو آهي ۽ ٻڌڻ وارو ڪير نه آهي، مارچ ۽ احتجاج ڪرڻ اپوزيشن جو حق آهي پر مولانا فضل الرحمان جي ڪوشش آهي ته موجوده سسٽم ختم ٿئي ۽ ان جي ??ڳهه ٻيهر ٺهي، مولانا حوصلو رکي ۽ پنهنجي ??سپاس ڏسي، ان سان گڏ ڪير نه آهي هو اڪيلو بيٺل آهي، 23 مارچ به اچي ويندو، مولانا فضل الرحمان اڳ ۾ به ڪيترائي ڀيرا تاريخ??ن ۽ حڪمت عملي بدلائي چڪو آهي. مولانا فضل الرحمان جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ڊي ايم 23 مارچ تي اسلام آباد طرف مارچ ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي، مولانا فضل الرحمان اڳ ۾ به ڪيترائي ڀيرا تاريخ??ن ۽ حڪمت عملي بدلائي چڪو آهي، اها تاريخ به حتمي نه هوندي. هن چيو ته مارچ ۽ اهتجاج ڪرڻ اپوزيشن جو حق آهي، وزيراعظم عمران خان جو به چوڻ آهي ته اپوزيشن جو ڪم تنقيد ڪرڻ آهي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان جي ڪوشش رهي آهي ته هي سسٽم ختم ٿئي جيئن ته هو هن سسٽم جو ح??و نه آهي، نواز شريف ۽ مريم نواز ان لاءِ مولانا فضل الرحمان سان گڏ نظر اچن ٿا ڇو ته اهي سسٽم جو ح??و نه آهن. هن چيو ته جيڪي ماڻهو سسٽم ۾ آهن اهي اهڙي حڪمت عملي کي سپورٽ نه ٿا ڪن، اڄ جي ??جلاس ۾ به پا??ليامينٽ جي ??ندر موجود پا??ٽين ۽ شخصيتن جو موقف پا??ليامينٽ کان ٻاهر رهندڙن کان مختلف هو، مولانا فضل الرحمان جون ڳالهيون ٽائين ٽائين فش هونديون، پي ڊي ايم پنهنجي ??بعي عمر پوري ڪري چڪي آهي. هن چيو ته پنجاب ۾ مقامي حڪومتن جون چونڊون ٿيڻ واريون آهن، خيبرپختونخواهه ۾ 19 ڊسمبر تي بلدياتي چونڊون ٿي رهيون آهن، ان کانپوءِ ايندڙ سال اسان پنهنجي ??خري بجيٽ پيش ڪنداسين ۽ ان کانپوءِ ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيڻيون آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته بي وقت جو راڳ مولانا فضل الرحمان اڪيلي ڳائي رهيو آهي ۽ ٻڌڻ وارو ڪير نه آهي، مولانا فضل الرحمان حوصلو رکي ۽ پنهنجي ??سپاس ڏسي، توهان سان گڏ ڪير به نه آهي، توهان اڪيلا بيٺل آهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اميد آهي پي ڊي ايم ۾ شامل پا??ٽيون مولانا فضل الرحمان جي ??يالڪوٽ سانحي جي ??والي سان غيرذميواراڻي بيان تي کانئس پڇاڻو ڪنديون، مولانا فضل الرحمان غيرذميواري جو ثبوت ڏيندي ان افسوسناڪ واقعي کي تحفظ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته 23 مارچ پاڪستان جي قوم جي لاءِ اهم ڏينهن آهي، اهو قومن کي هڪ ٻئي کان جدا ڪرڻ جو ڏينهن نه آهي، قومن کي ڳنڍڻ جو ڏينهن آهي، 23 مارچ جو ڏينهن به اچي ويندو، توهان به هتي آهيو، اسان به هتي آهيون، ڏسي وٺنداسين.