اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) قومي اس??مبلي ۾ ضمني مالياتي بل 2021ع تي ووٽنگ دوران صورتحال انتهائي دلچسپ رهي، وزيراعظم عمران خان، شهباز شريف ۽ آصف زرداري کي ٻيهر راءِ شماري ۾ حصو وٺڻ لاءِ ايوان ۾ اچڻو پيو. جمعي ڏينهن قومي اس??مبلي ۾ ضمني مالياتي بل 2021ع جي شق وار منظوري دوران جڏهن پهريون ڀيرو مخالف ڌر پاران زباني راءِ شماري کي چئلينج ڪيو وي?? ته اس??يڪر حڪومتي ۽ مخالف ڌر ميمبرن کي واري واري سان بيهاري حق ۽ مخالفت ۾ راءِ ورتي، حڪومت جي عددي اڪثريت 168 جڏ??ن ته مخالف ڌر جي 150 ميمبرن جي راءِ سامهون آئي تنهن هوندي به ٻين شقن تي ترميمن دوران هڪ ڀيرو ٻيهر مخالف ڌر اس??يڪر جي راءِ شماري چئلينج ڪئي جن??ن تي اس??يڪر رولنگ ڏني ۽ قومي اس??مبلي جي قاعدن ۽ ضابطن جي قاعدي 29 جي تحت ايوان جي راءِ جي حوالي س??ن اسپيڪر پنهنجا اختيار استعمال ڪري سگهي ٿو. وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار چيو ته اس??يڪر قاعدي 29 تحت رولنگ ڏني آهي هاڻي مخالف ڌر پاران ووٽنگ کي چئلينج ڪرڻ جو ڪو به جواز نه آهي، اس??يڪر زباني راءِ شماري ڪرائڻ جو اختيار رکي ٿو، مخالف ڌر پاران سيد نويد قمر، سردار اياز صادق، رانا تنوير حسين جڏ??ن ته حڪومت پاران بابر اعواڻ کانسواءِ وفاقي وزيرن، اسد عمر، پرويز خٽڪ به ان حوالي سان خيالن جو اظهار ڪيو تنهن هوندي به اس??يڪر چيو ته جيتوڻيڪ هو رولنگ ڏئي چڪو آهي پر مخالف ڌر جي مطالبي تي هڪ ڀيرو ٻيهر هو ميمبرن کي واري واري سان بيهاري ووٽنگ جو موقعو ڏيندو. اس??يڪر جڏهن ٻيو ڀيرو مخالف ڌر جي ترميمن تي حق ۽ مخالفت ۾ واري واري سان بيهاري ووٽنگ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ته وزيراعظم عمران خان، مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي پنهنجي پنهنجي چيمبرز مان ٻيهر ايوان ۾ ٿيندڙ راءِ شماري ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ اچڻو پيو، ٻيو ڀيرو ٿيندڙ راءِ شماري ۾ به مخالف ڌر جا 146 ووٽن جي مقابلي ۾ حڪومت جا 163 ووٽ نڪتا، اهڙي طرح مخالف ڌر جون ترميمون اڪثريت راءِ سان رد ڪيون وي??ن.