بيجنگ – 04 فيبروري (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان آزمايل دوست آهن، پاڪستان ۽ چين جي تعاون تي ٻڌل اسٽريٽجڪ حصيداري هر آزمائش تي پ??رو لٿي آهي، چين جي قومي ترقي ۽ سڌارا ڪميشن جو تعاون قابل تحسين آهي، ??ي پ??ڪ سان ٻنهي ملڪن جي عوام لاڀ پرائي رهي آهي، ??ي پ??ڪ جي ج??د مڪمل ٿيندڙ منصوبن سان پاڪستاني معيشت تي مثبت اثر پيا آهن. وزيراعظم چين جي دوري دوران چين جي قومي ترقي ۽ سڌارا ڪميشن جي چيئرمين هي لي پ??گ سان ورچوئل ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ چين جي سياسي ??شاورتي ڪائونسل جو وائيس چيئرمين به موجود هو. ملاقات ۾ سي پ??ڪ جي جاري منصوبن ۽ مستقبل جي قدمن جو جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي وزيراعظم سان گڏ ڪابينا جا ميمبر ۽ اعليٰ عملدار به موجود هئا جڏهن ته هي لي پ??گ سان گڏ وائيس چيئرمين ننگ جيزي ۽ تانگ ڊينگ جي، ??ين ڊي آر سي جا اعليٰ عملدار به موجود هئا. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته چين ۽ پاڪستان آزمايل دوست آهن، پاڪستان ۽ چين جي تعاون تي ٻڌل تزويراتي حصيداري هر آزمائش تي پ??رو لٿي آهي، ڪووڊ – 19 جي وبا جي باوجود ٻنهي ملڪن جي تعاون جي ڪري سي پ??ڪ منصوبن تي ڪم جاري رهيو. وزيراعظم چيو ته چين جي قومي ترقي ۽ سڌارا ڪميشن جو تعاون واکاڻ جوڳو آهي. سي پ??ڪ، بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آئي) منصوبي جو هڪ اهم جز آهي، ??ي پ??ڪ سان ٻنهي ملڪن جي عوام لاڀ پرائي رهي آهي، وزيراعظم چيو ته سي پ??ڪ جي ج??د مڪمل ٿيڻ جي منصوبن سان پاڪستاني معيشت تي مثبت اثر پيا آهن. سي پ??ڪ منصوبن ملڪ جي پائيدار معاشي ترقي جو ٺوس بنياد رکيو آهي ۽ انهن منصوبن پاڪستان جي معاشي منظرنامي کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم چيو ته سي پ??ڪ بي آر آئي جو فليگ شپ منصوبو آهي جنهن جي اسٽريٽجڪ اهميت ٻنهي ملڪن لاءِ آهي ۽ ان سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي فائدا حاصل ٿيندا. وزيراعظم چيو ته ٻئي ڌريون گوادر کي خطي جو معاشي مرڪز بڻائڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکنديون، ايم ايل ون ۽ ٻين اهم توانائي منصوبن کي ترجيح بنيادن جي طور تي ورتو ويندو، ان موقعي تي چين جي قومي ۽ سڌارا ڪميشن جي چيئرمين هي لي پ??گ چيو ته چين سي پ??ڪ منصوبن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ چين سي پ??ڪ منصوبن تي تيز رفتار اڳڀرائي جي لاءِ پرعزم آهي، گذريل 7 سالن ۾ چين پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار آهي ۽ ٻنهي ملڪن مستقبل ۾ به مجموعي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن جي رفتار کي برقرار رکڻ جا خواهشمند آهن، هن چيو ته اين ڊي آر سي ۽ سمورن لاڳاپيل چيني ادارا سي پ??ڪ منصوبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ چيني، ??رڪاري ۽ نجي ادارن جي حوصلا افزائي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندا. ان سلسلي ۾ ٻنهي پاسن ۾ نوان گرين، ڊجيٽل، صحت، واپار ۽ صنعتي راهدارين جو فيصلو ڪيو هو جنهن سان انهن شعبن ۾ شعباجاتي تعاون ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم عمران خان پاران ڀرپور حمايت جو ٿورو ادا ڪندي اين ڊي آر سي جي چيئرمين صنعت، زرعي جديديت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ??ماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مدد جي لاءِ چين جي رضامندي جو اظهار ڪيو، ملاقات دوران بنهي ڌرين سيڙپڪاري بورڊ ۽ اين ڊي آر سي جي وچ ۾ صنعتي تعاون جي فريم ورڪ جي معاهدي تي صحيحن جي آجيان ڪئي جيڪا چين جي صنعتي ڌرين کي سي پ??ڪ، خصوصي اقتصادي زونز ۾ منتقل ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪندو ۽ سيڙپڪاري ۾ تيزي ايندي، ٻنهي ڌرين گوادر تي 16 هين جوانٽ ورڪنگ گروپ اجلاس جي منٽس تي صحيحون ڪيون، پاڪستان پاران منصوبابندي، ??رقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ چين پاران اين ڊي آر سي جي وائيس چيئرمين ننگ جينزي صحيحون ڪيون.