اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اوورسيز انويسٽرز چيمبر آف ڪامرس اينڊ ان??سٽري (او آءِ سي س?? آئي) اسان جي حڪومت تحت ملڪ ۾ ترقي ۽ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ وزيراعظم چيو ته او آءِ سي س?? آئي اسان جي حڪومت تحت ملڪ ۾ ترقي ۽ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. او آءِ سي س?? آئي کي يقين آهي ته س??ل 2021ع ۾ پاڪستان 10 علائقائي م??ڪن مان ڇهن م??ڪن کان بهتر آهي. 2019ع ۾ پاڪستان 10 علائقائي م??ڪن مان ٽن م??ڪن کان بهتر هو. وزيراعظم چيو ته او آءِ سي س?? آئي موجب 68 سيڪڙو سيڙپڪارن ايندڙ ٻن ٽن سالن ۾ پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروبار جي واڌويجهه جي اميد ظاهر ڪئي آهي?? 2019ع ۾ اها شرح 27 سيڪڙو هئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ ڪاروبار جي لاءِ ماحول ۾ نمايان بهتري جي ڏس ۾ اوورسيز انويسٽرز چيمبر آف ڪامرس اينڊ ان??سٽري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي موقعن بابت عالمي روڊ شوز منعقد ڪرڻ چاهي ٿي.