اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪ??ي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پيٽرول ۽ ڊيزل ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي سميت هڪ وڏي عوامي ريليف پئڪيج جو اعلان ڪيو آهي ۽ اڳتي به عوام کي ريليف ڏيندو رهندو، قيمتون گهٽ ڪرڻ تي به مخالف ڌر کي اعتراض آهي، مخالف ڌر منافقاڻو رويو ختم ڪري، عمران خان معيشت کي ڏيوالپڻي کان ٽيڪ آف تي پهچائي ڇڏيو، اسان جي وزيراعظم جا محل نه آهن، مني لانڊرنگ نه ڪئي ۽ نه ئي ڦرلٽ ڪئي، مخالف ڌر ڄاڻي چڪي آهي ته پي ٽي آءِ ??ڪومت ڪيڏانهن وڃڻ واري نه آهي، اها 5 سال مڪمل ڪندي ۽ اڳتي حڪومت به پي ٽي آءِ ??ي هوندي. اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خ??اب ڪندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان عوامي ريليف پئڪيج جو اعلان ڪيو آهي، پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 10، 10 رپيا ۽ بجلي في يونٽ 5 رپيا گهٽ ڪئي آهي، عالمي سطح تي مهانگائي ٿي ته آمريڪا، يورپ، برطانيا سميت پوري دني?? ۾ ??هانگائي جو 40 سالن جو رڪارڊ ٽٽُي ويو. مملڪ??ي وزير چيو ته پيٽرول في بيرل 40 ڊالر مان 111 ڊالر، کاڄرو تيل 400 ڊالر مان 1300 ڊالر في ٽن، ڪوئلو 40 ڊالر مان 200 ڊالر تي پهچي ويو آهي، پوري دني?? ۾ ??يندڙ مهانگائي جو اثر حڪومتن ۽ عوام تي پيو، آمريڪ?? ۾ ??هانگائي جو 42 سالا رڪارڊ ٽٽي ويو آهي، اسان جو خيال هو ته ڪوويڊ 19 کانپوءِ ??التون بهتر ۽ مهانگائي جي شرح گهٽ ٿيندي ته عوام کي ريليف ڏينداسين. دني?? ۾ ??اجسٽڪ ۽ ٽرانسپورٽيشن مهانگي ٿي آهي، ان جا به اثر آهن، ان صورتحال ۾ عمران خان عوام تي بار وجهڻ بدران ريليف ڏنو، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ تازي گهٽتائي سان اڳ ۾ به ٽيڪسز گهٽ ڪرڻ سان حڪومت 70 ارب جو بار پاڻ برداشت ڪري رهي هئي، ٽيڪس اوڳاڙيون رڪارڊ ٿيون، 8 مهينن ۾ 30 سيڪڙو ٽيڪس وڌيڪ گڏ ڪيو آهي، اڳ ۾ مخالف ڌر آءِ ??يم ايف وٽ وڃڻ تي تنقيد ڪري رهي هئي ۽ هاڻي قيمتون گهٽ ڪرڻ تي به مخالف ڌر کي اعتراض آهي، مخالف ڌر منافقاڻو رويو ختم ڪري.