راولپنڊي – 04 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ??ه آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم 24 سالن کانپوءِ پاڪستان آئي آهي، ملڪ ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي خوش آئند آهي، اسان جي اپوزيشن سدائين عوام جي خلاف بيهي ٿي. اهڙن خيالن جو ا??ها?? اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيم ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ مئچ شروع ٿيڻ تي ڪيو. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان گڏ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو دورو ڪيو ۽ رانديگرن سان ملي خوشي جو ا??ها?? ڪيو. هن ??ن موقعي تي چيو ته اپوزيشن ان فٽ آهي، مئچ نه کيڏي سگهندي، لانگ ۽ شارٽ مارچ ڪندڙن کي به چوندس ته پنهنجي گاڏي پڪڙين ۽ جلدي سان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ڏسڻ اچن، انهن کي فري پاس ڏينداسين، انهن کي به عام ماڻهن ??ان يڪجهتي جو ا??ها?? ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي ??هو چوڻ جي قابل ٿين ته اهي ??ه عام ماڻهن ??ان گڏ بيٺل آهن، اسان هر ڀيري ڏسندا آهيون ته ڀلي اهو پئسو ڦرڻ جو معاملو هجي، گورننس جو معاملو هجي يا راندين جو اسان جي اپوزيشن سدائين عوام جي خلاف ئي بيٺل هوندي آهي ۽ هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ بحال ٿي رهي ??هي ??يترو وڏو ايونٽ ٿي رهيو آهي، اپوزيشن جو اهو ئي رويو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته مخالف ڌر جي قيادت کي چوندس ته انهن کي هڪ فري باڪس ڏينداسين ۽ اهي چار ڏينهن ??رام سان مئچ ڏسن ۽ ان کانپوءِ پنهنجي اسٽريٽجي ٺاهين ڇو ته ماڻهو ته انهن ??ا پورا نه ٿي رهيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته انڊين ڪرڪيٽ ٽيم به هتي اچي، پاڪستان ۾ زبردست مئچز ٿيڻ گه??جن ۽ بجاءِ ان جي ته پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کي روڪيو وڃي اسان کي پاڪستان ۽ انڊيا جي ڪرڪيٽ کي سپورٽ ڪرڻ ۽ راندين کي فروغ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته منهنجو اهو مڃڻ آهي ??ه ڀارت ۾ به اهڙا آواز هوندا جيڪي شدت پسندي کي رد ڪن ٿا. ان موقعي تي وفاقي وزير ڪرڪيٽ جي بحالي تي پي سي بي، سي اي، آءِ سي سي عملدارن جا ٿورا مڃيا. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل پڻ رانديگرن سان ملاقات ڪئي ۽ ملڪ ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي بحالي تي خوشي جو ا??ها?? ڪيو.