اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) کي ٽيڪس نيٽ کي وسيع ڪرڻ لاءِ شگر ملن مان وڏي مقدار ۾ کنڊ خر??د ڪندڙ غير رجسٽرڊ هول سيلرز، ڊيلرز ۽ ڊسٽريبيوٽرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ٽيڪس ادائيگي وڌائڻ لاءِ محتسب جي سفارشن کي کنڊ جي سڄي شعبي تي لاڳو ڪيو وڃي، ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب اهي هدايتون وفاقي ٽيڪس محتسب جي حڪمن جي خلاف ايف بي آر پاران داخل 25 هڪجهڙين درخواستن کي اڪلائيندي جاري ڪئي جنهن ۾ ايف بي آر کي هدايت ڪئي وئي ته کنڊ جي غير رجسٽرڊ خر??دارن کي وڏي پئماني تي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي ته جيئن سيل ٽيڪس جي وصولي کي بهتر بڻائي سگهجي، هن چيو ته مشاهد?? ۾ ??يو آهي ته وڏي مالياتي ڏي وٺ ڪرڻ، ايف بي آر سان پنهنجي ڊيٽا جي باوجود کنڊ جا اهي غير رجسٽرڊ خر??دار گهڻو ڪري ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر رهيا ۽ ٽيڪس جي ادائيگي جي قومي ذميداري کان بچي رهيا آهن، هن ايف بي ار کي هدايت ڪئي ته کنڊ جي غير رجسٽرڊ خر??دارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن انهن کان سيلز ٽيڪس جي وصولي ڪئي وڃي، صدر چيو ته ايف بي آر جي فيلڊ فارميشنز غير رجسٽرڊ خر??دارن جي معلومات گڏ ڪرڻ ۾ چوڪس ناهن، ايف بي آر ملن کان ماهوار سيلز ٽيڪس گوشوارن تي مطئمن آهي، ڊيٽا جي جاچ نه پئي ڪئي وڃي، هن چيو ته ايف بي آر وٽ شگر ملن جي بئنڪ اڪائونٽس مان ڏي وٺ جا به تفصيل موجود آهن، صدر چيو ته ايف بي آر جي فيلڊ فارميشنز شگر ملن جي ڊيٽا جو وقت سر تجزيو ڪري خر??دارن جا تفصيل حاصل ڪري سگهي ٿي، ايف بي آر جي پنهنجي فرضن جي ادائيگ?? ۾ ??فلت ۽ نااهلي بدانتطامي جي برابر آهي، ٽيڪس ادائيگي وڌائڻ لاءِ محتسب جي سفارشن کي پوري کنڊ جي شعبي تي لاڳو ڪيو وڃي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايف بي آر کي هدايت ڪئي ته هو 90 ڏينهن ۾ ٽيڪس محتسب کي عملدرآمد جي جامع رپورٽ پيش ڪري، صدر ايف بي آر جي وفاقي ٽيڪس محتسب جي هدايتن جي خلاف 25 درخواستون رد ڪندي چيو ته ايف بي آر وٽ ڊيٽا جي دستيابي جي باوجود وڏي مقدار ۾ کنڊ جا خر??دار ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر آهن، ٽيڪس وصولي وڌائڻ لاءِ کنڊ جي وڏن خر??دارن ۽ غير رجسٽرڊ ڊيلرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي، هن چيو ته کنڊ جا غير رجسٽرڊ خر??دار ٽيڪس ادائيگي جي قومي ذميداري ادا نه ڪري رهيا آهن، اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته محتسب مختلف پرائيوٽ شگر ملن مان کنڊ جي غير رجسٽرڊ خر??دارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ جاچ جو آغاز ڪيو هو، ان حوالي سان رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته شگر ملن وٽ کنڊ جي سپلائي ۽ خر??دارن جو رڪارڊ هجڻ جي باوجود ايف بي آر ٽيڪس جو دائرو وڌائڻ تي ڌيان ناهي ڏنو. رپورٽ موجب ايف بي آر شگر ملن جي ڊِيٽا جو تجزيو ڪرڻ ۽ ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، محتسب ايف بي آر کي هدايت ڪئي هئي ته هو غير رجسٽرڊ ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪري، جنهن تي ايف بي آر وفاقي ٽيڪس محتسب جي حڪمن جي خلاف صدر وٽ درخواست داخل ڪئي هئي.