اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايران جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي موقعي تي مشهد جو دورو ڪيو ۽ حضرت امام رضا عليه السلام جي روضي تي ??اضري ڀري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب مشهد جي هوائي اڏي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو استقبال خراسان رضوي صوبي جي گورنر جنرل يعقوب علي نظري ڪيو. پرڏيهي وزير مزار تي ??اضري ڀري ۽ مهمانن جي ڪتاب تي ??حيحون ڪيون ۽ آستانه قدس رضوي جي متولي ۽ معتمد حجت الله والمسلمين احمد ماروي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير پرامن گڏيل بقاءَ، س??ور?? مذهبن جي احترام ۽ انسانيت جي لاءِ رحمت ??ي ٻڌ?? اسلامي تعليم جي حقيقي روح جي فروغ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايران جو دورو ڪندڙ پاڪستاني زائرين جي لاءِ انتظامن تي ??جت الله احمد ماروي جا ٿورا مڃيا ۽ ايران ۾ انهن جي داخلا ۽ رهائش جي سهولت لاءِ گڏيل تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي ??ور ڏنو.