اسلام آباد – 31 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ز??داري سان گڏ 20 کان وڌيڪ ملڪن جي سفارتڪارن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن ٻوڏ متاثر علائقن جو فضائي دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بي??ن موجب پرڏيهي وزير سان گڏ سفارتڪارن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو. ترڪمانستان، بحرين، سعودي عرب، آذربائيجان، جرمني ۽ اسپين جا سفارتڪار ٻوڏ ک??ن متاثر علائقن جي دوري جي موقعي تي بلاول ڀٽو ز??داري سان گڏ هئا. پرڏيهي وزير سان گڏ آمريڪا، چين، فرانس، جاپان، اٽلي، ڏکڻ ڪوريا، قطر ۽ ترڪيه کانسواءِ گ??يل قومن سميت ٻين عالمي ادارن جي نمائندن پڻ ٻوڏ ک??ن متاثر علائقن جوفضائي جائزو ورتو. وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه ۽ سنڌ جي وڏي وزير سکر ايئرپورٽ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ز??داري، ??نصوبابندي واري وفاقي وزير ۽ سفارتڪارن جو استقبال ڪيو. سفارتڪارن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن کي سکر ايئرپورٽ تي ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي جي حوالي سان اين ڊي ايم اي پاران بريفنگ ڏني وئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ز??داري مختلف ملڪن جي سفارتڪارن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن کي پاڪستان ۾ ٿيندڙ نقصانن کان آگاهه ڪيو.