اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻوڏ سٽيل علائقن جو ??ائزو وٺڻ لا??ِ ملڪ گير دورا ڪري رهيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اڄ خميس ڏينهن ڏکڻ پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ سٽيل علائقن جو ??ورو ڪندو. صدر کي ڊيره غازي خان، نصيرآباد ۽ سکر ۾ ٻوڏ جي صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻوڏ سٽيل علائقن جو فضائي جائزو وٺندو. صدر رليف ڪئمپن جو ??ورو ڪندو، ٻوڏ سٽيلن سان ملاقات ڪندو. صدر ٻوڏ ??تاثرين کي سهولتن جي فراهمي ۽ انهن کي درپيش مسئلا ڄاڻڻ جي لاءِ انهن سان ملاقاتون ڪندو. گذريل ڏينهن صدر خيبرپختونخواهه ۾ ٻوڏ ??تاثرين جي امداد ۽ بحالي جي لاءِ ڪرڻ واري ڪوششن جو ??ائزو وٺڻ لاءِ دورو ڪيو هو. صدر قوم ۽ عالمي برادري کي ٻوڏ ??تاثرين جي دل کولي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي. صدر ايندڙ ٻوڏ کان بچاءُ ۽ ٻوڏ ??تاثرين جي تيز تر بحالي لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو هو.