اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير ۽ نيشنل فيٽف ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي چيئرپرسن حنا رباني کر چيو آهي ته مون کي ??هو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي ته گذريل چار سال دوران اسان جي مسلسل ڪوششن جي نتيجي ۾ اسان جي اڻٿڪ سياسي عزم ۽ ڪامياب آن سائيٽ وزٽ جي اعتراف طور تي فيٽف پاڪستان جي 2018ع ۽ 2021ع جي اي??شن پلان جي بنيادي، فني ۽ ضابطي جي سمورين شرطن کي مڪمل ڪرڻ کي ??سليم ڪري ورتو آهي. نتيجي طور فيٽف متفقه طور تي پاڪستان کي ”وڌيڪ نگراني جي دائره اختيار جي فهرست“ مان ڪڍڻ جو فيصلو ڪندي وائيٽ لسٽ ڪري ڇڏيو آهي، فيٽف اڳ ۾ ئي ان فيصلي جو اعلان ڪندي هڪ باضابطا بيان جاري ڪري چڪو آهي. پوسٽ ايف اي ٽي ايف پلينري پريس ڪانفرنس کي ??طاب ڪندي مملڪتي وزير چيو ته آئون فيٽف جي حوالي سان پاڪستان بابت قوم کي ??وشخبري ڏيڻ چاهيان ٿي، مون پنهنجي ٽيم سان هتي فيٽف جي آءِ سي آر جي ۽ پلينري اجلاسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي جيڪي اڄ ختم ٿي چڪا آهن. انهن اجلاسن دوران سيپٽمبر 2022ع جي پهرين هفتي ۾ ٿيندڙ پاڪستان جي ايف اي ٽي يايف جي آن سائيت وزٽ جي رپورٽ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مملڪتي وزير چيو ته فيٽف مني لانڊرنگ جي خاتمي ۽ دهشتگردي جي مالي مدد جي خاتمي جي (AML/CFT) نظام کي ??هتر بڻائڻ ۾ پاڪستان جي نمايان اڳڀرائي جي آجيان ڪئي آهي. اهو تسليم ڪيو ويو آهي ته پاڪستان پنهنجي مني لانڊرنگ جي خاتمي ۽ دهشتگردي جي مالي مدد جي خاتمي جي نظام کي مضبوط ڪيو آهي ۽ ڪل 34 اي??شن آئٽمز تي ٻڌل پنهنجي اي??شن پلان جي شرطن کي پورو ڪيو آهي. هن ??يو ته پاڪستان جون 2018ع ۽ جون 2021ع ۾ فيٽف جي نشاندهي ڪئي وئي سمورين اسٽريٽجڪ خامين کي ??تم ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان 2021ع جو اي??شن پلان مقرر مدي کان اڳ مڪمل ڪري ورتو آهي. پاڪستان هاڻي فيٽف جي نگراني جي عمل سان مشروط ناهي رهيو جنهن جو مطلب آهي ته پاڪستان کي فيٽف وائيٽ لسٽ ڪري ڇڏيو آهي. حنا رباني کر چيو ته عالمي تعاون کي ??ڳتي وڌائڻ ۽ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان پنهنجي مني لانڊرنگ جي خاتمي ۽ دهشتگردي جي مالي مدد جي خاتمي جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ اي پي جي سان گڏ ڪم ڪندو رهندو. هن ??يو ته اهو پوري جي ڪوششن ۽ مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جي مالي معاونت جو مقابلو ڪرڻ ۽ انهن ??ي عالمي معيارن جي برابر آڻڻ جي لاءِ پنهنجي ملڪي نظام کي ??هتر بڻائڻ جي اسان جي عزم جو نتيجو آهي. سياسي ميدان ۾ مڪمل قومي اتفاق راءِ کانسواءِ اهو ممڪن نه هو. هن ??يو ته آئون ان اهم قومي مقصد کي ??اصل ڪرڻ جي لاءِ سمورن ادارن کي ??سٽريٽجڪ رخ، اعتماد ۽ تعاون فراهم ڪرڻ جي لاءِ خاص طور تي پنهنجي قيادت جا ٿورا ادا ڪرڻ چاهيان ٿي. ا?? اسان جيڪا ڪاميابي حاصل ڪئي آهي اها ان ڳالهه جو اشارو آهي ته جڏهن اسان مقصد ۽ عزم جي احسان سان گڏجي ڪم ڪريون ٿا ته اسان ڇا حاصل ڪري سگهون ٿا. مملڪتي وزير چيو ته گذريل چار سالن دوران پاڪستان پنهنجي مني لانڊرنگ جي خاتمي ۽ دهشتگردي جي مالي مدد جي خاتمي جي نظام جي سمورن رخن کي ??هتر بڻائڻ جي لاءِ وسيع البنياد ۽ جامع قانوني، انتظامي ۽ طريقيڪار ۾ سڌارا آندا آهن. ان ۾ مني لانڊرنگ جي خاتمي ۽ دهشتگردي جي مالي مدد جي خاتمي بابت قانونن ۾ ترميم شامل آهي. اسان نظام ۾ هم آهنگي کي ??ه وڌايو، طريقيڪار کي ??سان ڪيو، ادارن جي وچ ۾ رابطي ڪاري کي ??هتر بڻايو، عالمي تعاون کي وڌايو، نگران ڍانچو قائم ڪيو، ضروري انتظامي پروٽوڪول ٺاهيا ۽ فيٽف جي سفارشن جي تعميل کي ??هتر بڻائڻ جي لاءِ ڪافي مالي ۽ انساني وسيلا مخصوص ڪيا ويا. هن ??يو ته انهن سمورين ڪوششن ۽ محنت جي نتيجي ۾ پاڪستان هاڻي هڪ اهڙي پوزيشن ۾ آهي جتي اسان نه رڳو انهن سڌارن جي رفتار کانسواءِ ڪنهن عالمي نگراني يا دٻاءُ کي ??رقرار رکي ??گهون ٿا پر پنهنجي مهارت ۽ وسيلن کي ٻين ملڪن سان شيئر ڪري سگهون ٿا. مملڪتي وزير وڌيڪ چيو ته آئون ان موقعي مان فائدو کڻندي خاص طور تي اسان جي قومي فيٽف ٽيم جي اڻٿڪ ۽ ڀرپور ڪوششن کي ??اراهڻ چاهينديس جن فيٽف جي سمورن هدفن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ گذريل چار سالن دوران زبردست ڪم ڪيو آهي. وفاقي ۽ صوبائي ٻنهي سطحن تي ڪيترن ئي کاتن ۽ ادارن ان قومي مقصد ۾ پنهنجو حصو وڌو آهي. اهي سڀ اسان جي تعريف ۽ ٿورن جا مستحق آهن. هن ??يو ته اسان سدائين چيو آهي ته فيٽف ۽ وسيع تر عالمي برادري سان اسان جي حصيداري ۽ وابستگي اسان جي معيشت کي مضبوط بڻائڻ ۽ عالمي مالياتي نظام سان ان جي انضمام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي اسان جي اسٽريٽجڪ مقصد ۾ ڳنڍيل آهي. اسان عالمي برادري جي هڪ ذميوار ۽ فعال ميمبر طور نظر اچڻ چاهيون ٿا جيڪو پنهنجي عالمي ذميوارين کان چڱي ريت واقف آهي. هن ??يو ته اسان کي پنهنجي قومي مفاد ۽ پنهنجي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جي ضرورت آهي. حقيقت ۾ اسان کي هاڻي دنيا جي لاءِ هڪ رول ماڊل بڻجڻ گهرجي. مون پنهنجي ٽيم کي ??ڳ ۾ ئي هدايت ڪئي آهي ته اها اهڙين طريقن جي ڳولا شروع ڪري جن سان اسان فيٽف ۽ وسيع تر عالمي برادري سان پنهنجي تعاون ۽ حصيداري کي وڌائي سگهون ٿا. مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان پنهنجي مني لانڊرنگ جي خاتمي ۽ دهشتگردي جي مالي معاونت جي خاتمي جي فريم ورڪ کي ??هتر بڻائڻ ۽ ان کي ??المي معيارن جي برابر آڻڻ ۾ هڪ ڊگهو سفر طئي ڪيو آهي. ڪيترن ئي شعبن ۾ هاڻي اسان وڌيڪ عالمي معيارن موجب آهيون. هن ??يو ته مون کي يقين آهي ته اها ذڪر جوڳي اڳڀرائي ۽ فيٽف جي گري لسٽ مان پاڪستان جي نڪرڻ جو اعلان اسان جي معيشت کي ??مام ضروري فروغ ڏيندو ۽ ٻاهرئين دنيا سان اسان جي اقتصادي ۽ مالي مصروفيتن ۾ اضافو ڪندو. مملڪتي وزير چيو ته اقتصادي سفارتڪاري اسان جي وسيع تر ڌي??ن جو حصو آهي ته جيئن اسان پنهنجي ملڪ جي بي پناهه صلاحيتن کي ??ستعمال ۾ آڻي سگهون ۽ پاڪستان جي مجموعي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهون. هن ??يو ته غيرملڪي سيڙپڪاري کي ??اغب ڪرڻ ۽ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پاران کنيل ٻين قدمن سان گڏ پاڪستان جي وائيٽ لسٽنگ اقتصادي ترقي ۽ سرگرمين جي هڪ نئين دور جي شروعات ڪندي. مملڪتي وزير چيو ته ان ڳالهه تي زور ڏيڻ چاهيان ٿي ته پرڏيهي آفيس ۽ ٻيون سموريون لاڳاپيل ڌريون ان رفتار کي ??اري رکنديون ۽ پاڪستان ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري آڻڻ ۽ فيٽف جي گري لسٽ مان پاڪستان جي نڪرڻ تي ٻيا اقتصادي فائدا حاصل ڪرڻ جي لاءِ نئين جوش سان ڪم ڪندا.