ڪراچي- 24 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ حڪومت ٻوڏ سبب متاثر ٿيل آبادگارن کي مفت ۾ ڪڻڪ جو ٻج فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وڏي وزير جي زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته ٻوڏ سبب متاثر ٿيل آبادگارن کي ربيع سيزن لاءِ 24 لک ايڪڙن لاءِ ڪڻڪ جو ٻج مفت ۾ ڏينداسين، جنهن جي فراهمي ايندڙ مهيني کان ??روع ڪئي ويندي، سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن کي گهر به ٺهرائي ڏيندي، اسان ??ي ڪوشش آهي ته ٻوڏ متاثرن کي روڪ رقم ڏيئون ته جيئن هو پنهنجا گهر پاڻ ٺهرائي سگهن. منظوروساڻ جو سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ميڊيا ڳالهائيندي وڌيڪ چوڻ هو ته مون ??ي 29 آڪٽوبر کان 29 نومبر تائين ڏينهن خطرناڪ نظر اچي رهيا آهن، مونکي هڪ مهينو خطرناڪ نظر اچي رهيو آهي ان ??وران ملڪ ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. منظور وساڻ عمران ??ان کي مشورو ڏيندي چيو ته عمران ??ان ??يڪنڊ ليڊر شپ بجاءِ پاڻ سياسي پارٽين سان ڳالهيون ??ري، جي??ڏهن ڪو رستو نه ڪڍيو ويو ته حالتون خراب ٿينديون، جنهن سياستدانن جو وڏو نقصان ٿيندو. هن چيو ته عمران ??ان لانگ مارچ نه ڪندو ٿي سگهي ٿو ته هو ڪارڪنن کي پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ احتجاج ڪرڻ جو چوي، ??نهنجي خواهش آهي ته عمران ??ان نااهل نه ٿئي سياسي ميدان ۾ اچي مقابلو ڪري، ڪنهن اڳواڻ جي نااهل ٿيڻ جو مان مخالف آهيان. منظوروساڻ چيو ته ڪجهه ماڻهون ٻاهر ايندا، ڪجهه ٻاهران ??يندا ۽ ڪجهه اندر ويندا، عمران ??ان لاءِ ڏينهن خراب آهن، اليڪسڻ ڪڏهن ٿيندي اهو 29 نومبر کان پوءِ ٻڌائيندس ته عام چونڊون ??ڏهن ٿينديون، سنڌ ۾ ٻين پارٽين جو مستقبل ڪونهي ڪو، جي ڊي اي ختم ٿي چڪي آهي، ??نڪشنل ليگ جي به پوزيشن گهٽ آهي.