فيصل آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) والاريل ڪشمير تي ڀارتي قبضي خلاف ڪاري ڏينهن جي موقعي ??ي لائل پور ميوزيم فيصل آباد ۽ شاگردن ريلي ڪڍي جنهن جي قيادت ڊائريڪٽر لائل پور ميوزيم ميان عتيق احمد ۽ ايسوسيئيشن آف ??را??يويٽ اسڪولز پاڪستان جي چيئرمين خالد حيات ڪموڪا ڪئي. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن بينرز ۽ پلي ڪارڊز کڻي رکيا هئا. ڪشميرين ج?? حق ۾ فلڪ شگاف نعرا هنيا ويا. فضا ڀارت مرده آباد جي نعرن سان گونجي اٿي. شرڪت ڪندڙن جو پيغام هو ته ڪشمير جي آزادي تائين آواز بلند رکنداسين.