اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميڊيا تائين ٻوڙن ماڻهن جي پهچ جي ايڪٽ 2022ع جي منطوري ڏئي ڇڏي. ايڪٽ لاڳو ٿيڻ جي 6 مهينن کانپوءِ ڪنهن به سرڪ??ري ۽ نجي اليڪٽرانڪ ميڊيا، نجي ٽي وي چينل، ڪيبل ٽي وي يا ڪنهن ٻي ميڊيا تي پاڪستان سائن ل??نگ??يج ترجمان کانسواءِ نيوز بليٽن جي اجازت نه هوندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ج??ري بيان موجب ايڪٽ تحت هڪ سال کانپوءِ ڪنهن به سرڪ??ري ۽ نجي اليڪٽرانڪ ميڊيا، نجي ٽي وي چينل، ڪيبل ٽي وي يا ڪنهن ٻي ميڊيا تي سائن ل??نگ??يج ترجمان کانسواءِ ڪنهن به پروگرام، اينٽرٽينمينٽ، اشتهار، ٽا?? شو، ڊرامي، فلم يا ڪنهن به قسم جي تصويري ??روگرام جي اجازت نه هوندي. سرڪ??ري ۽ نجي ميڊيا هائوسز کي ايڪٽ لاڳو ٿيڻ جي 6 مهينن جي اندر ايڪٽ تي عملدرآمد جي لاءِ سائن ل??نگ??يج ترجمان مقرر ڪرڻو پوندو. ايڪٽ پوري ??اڪستان ۾ فوري طور تي لاڳو هوندو.