اسلام آباد ??? 04 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته منهنجي صحبت پور دوري جو مقصد ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ ۽ ان??ن کي اهو احساس ڏيارڻ هو ته آئون ۽ منهنجي حڪومت انه?? جي بحالي لاءِ سرگرم عمل آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته 9 جنوري تي جنيوا ۾ ٿيندڙ ڊونرز ڪانفرنس ۾ ٻوڏ متاثرين جو ڪيس دنيا آڏو رکندس. هن چيو ته مون پنجاب ۾ قائم دانش اسڪول?? جي طرز تي بلوچستان ۾ جديد سهولتن سان ليس 12 نئين دانش اسڪول?? جي قيام جو اعلان ڪيو آهي، اهي اسڪولز غريب ۽ پٺتي پيل علائقن سان تعلق رکندڙ ٻار?? جي لاءِ علم ۽ هنر ۽ ترقي جون نيون راهون ڳولڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.