اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي م??ڻهن جي لاءِ موزون ماحول ۽ معاشري جي سمورن شعبن ۾ هڪ باوقار ميمبر طور شموليت جي لاءِ قومي سطح تي تيز ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته تعليم واري وفاقي و??ارت انهن کي م??ياري تعليم ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب هنر جي فراهمي جي لاءِ نصاب جي تياري ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪري، لاڳاپيل ادارن جي تعاون سان خصوصي م??ڻهن کي خصوصي سڃاڻپ ڪارڊز جي فراهمي جي لاءِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خصوصي م??ڻهن جي سهولتڪاري جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جي زڪوات، عشر، سماجي ڀلائي، خصوصي تعليم ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي کاتي جي و??ير انور زيب خان، سنڌ جي وڏي و??ير جي ڊي اي پي کاتي بابت خاص معاون، نادرا چيئرمين محمد طارق ملڪ جڏهن ته نيشنل هيلٿ سروسز، ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وفاقي و??ارت، پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخواهه، بلوچستان جي سماجي ڀلائي جي ادارن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ايليمنٽري اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ، پنجاب جي ليبر اينڊ هيومن ريسورس ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ جي عملدارن ۽ نيوٽيڪ، پاڪستان بيت المال جي نمائندي، ڊائريڪٽوريٽ آف اسپيشل ايجوڪيشن اسلام آباد، اين آئي آر ايم، ڊبليو ايڇ او ۽ نادرا جي عملدارن شرڪت ڪئي. گلگت بلتستان جو وڏو وزير خالد خورشيد خان پڻ وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. صدر خصوصي م??ڻهن جي لاءِ موزون ماحول ۽ معاشري جي سمورن شعبن ۾ هڪ باوقار ميمبر طور شموليت جي لاءِ قومي سطح تي تيز ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته تعليم واري وفاقي و??ارت خصوصي م??ڻهن کي م??ياري تعليم ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب هنر جي فراهمي جي لاءِ نصاب جي تياري ۾ قائداڻو ڪردا ادا ڪري، نصاب جي تياري لاءِ سمورين ڌرين بشمول صوبن، عالمي ۽ غيرسرڪاري تنظيمن ۽ نجي شعبي سان مشاورت ڪئي وڃي. هن چيو ته اسڪولن ۾ استادن ۽ خصوصي شاگردن جي تناسب کي پڻ نظر ۾ رکيو وڃي. صدر چيو ته خصوصي م??ڻهن جي م??ذوري جي ڏس ۾ انهن کي فراهم ڪري سگهجندڙ مهارتن جي لسٽ تيار ڪ??ي وڃي، اشارن جي زبان، بريل، سافٽ ويئر جي تياري، ڪاروبار قائم ڪرڻ ۽ شين ۽ خدمتن جي آن لائن فراهمي جهڙين مهارتن سان خصوصي م??ڻهن کي ليس ڪري سگهجي ٿو، خصوصي م??ڻهن جي وڏي پئماني تي رجسٽريشن جي لاءِ هڪ تيز تر نظام تيار ڪ??ڻ جي ضرور آهي، خصوصي م??ڻهن جي رجسٽريشن سان منصوبابندي ۽ ٻين خدمتن جي فراهمي جي لاءِ انگ اکر حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. صدر نادرا پاران خصوصي م??ڻهن جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ رجسٽريشن جي لاءِ ڪئي ويندڙ ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته نادرا پاران ٽيليفون تي خصوصي م??ڻهن جي م??لومات ۽ رجسٽريشن جو نظام متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي، لاڳاپيل ادارن جي تعاون سان خصوصي م??ڻهن کي خصوصي سڃاڻپ ڪارڊز جي فراهمي جي لاءِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته نادرا وٽ 6 لک جي لڳ ڀڳ رجسٽرڊ خصوصي م??ڻهن جو انگ پاڪستان ۾ خصوصي م??ڻهن جي آبادي جي حوالي سان اندازي کان ڪيترائي ڀيرا گهٽ آهي، خصوصي م??ڻهن ۽ انهن جي خاندانن جي حقن بابت تعليم ۽ معلومات جي فراهمي جي لاءِ هڪ ٺوس ميڊيا مهم جي ضرورت آهي. هن چيو ته سرڪاري ۽ نجي ادارا 2 کان 5 سيڪڙو ڪوٽا جي حساب سان خصوصي م??ڻهن کي نوڪريون ڏيڻ جا پابند آهن، خيرات جي نيت سان خصوصي م??ڻهن کي نوڪريون ڏيڻ جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي، خيرات جي نيت سان ڏني ويندڙ نوڪريون ملازمن جي وقار جي خلاف آهن ۽ ادارن جي لاءِ قدر ۾ اضافي جو سبب نه ٿيون بڻجن. اجلاس دوران نادرا پاران خصوصي م??ڻهن جي لاءِ ڪيترن ئي قدمن بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. نادرا چيئرمين طارق ملڪ بريفنگ ڏيندي چيو ته سمورن خصوصي م??ڻهن کي م??ذوري جي عالمي نشان سان ايگزيڪيوٽو سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا پيا وڃن، خصوصي م??ڻهن سڄي عمر جي لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ ڊگهي قطار ۾ انتظار کانسواءِ ترجيحي بنيادن تي جاري ڪيا پيا وڃن، خصوصي م??ڻهن کي گهر تي رجسٽريشن جي سهولت جي لاءِ بائيڪ سروس پڻ جاري ڪئي و??ي آهي، نادرا خصوصي م??ڻهن کي ڀرتي ڪيو جن ووٽرز جون لسٽون ڪاميابي سان تيار ڪيون.