اسلام آباد– 19 – ج??ور?? (اي پي پي) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خا?? هن وقت سرڪاري دوري تي برسلز ۾ آ??ي، اه?? دورو يورپي يونين، بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ ۾ سفير طور سندس دور جو هڪ اه?? سنگ ميل آهي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري گذريل ڪجهه ڏينهن دوران يورپي يونين، بيلجيئم ۽ لڪسمبرگ جي اڳواڻن ۽ اعليٰ سطحي عهديدارن سان ملاقاتون ڪيون ۽ انهن سان ٻطرفي اه??يت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ترجمان چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري پاڪستان بيلجيئم پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي چيئر سينيٽر ??يل??سيا ڪليز ۽ بيلجيئم جي فلينڊرس ريجن جي صدر جان جيمبون سان ملاقات ڪئي. هن يورپي ايڪسٽرنل سروس جي سيڪريٽري جنرل سانينو ۽ لڪسمبرگ جي پرڏيهي وزارت ۾ سيڪريٽري جنرل اولنگر سان پڻ ملاقات ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري يورپي يونين جي سينيئر عهديدارن سان پڻ ملاقاتون ڪيون آهن جن ۾ يورپي ڪائونسل بابت چيف فارن پاليسي ايڊوائيزر جي صدر سائمن مورڊيو کانسواءِ يورپي ڪميشن جي صدر جي سفارتي صلاحڪار فرنينڊو گيماريس پڻ شامل آهن.