اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت مل?? ۾ ??ڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري جي راهه هموار ڪرڻ جي لاءِ ع??لمي ساک رکندڙ انٽرنيشنل آپريٽرز جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان مقصد جي لاءِ پهرين مرحلي ۾ ملڪ جي ٽن هوائي اڏن کي انٽرنيشنل آپريٽرز جي ذريعي هلايو ويندو. اهو فيصلو وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ايوي ايشن جي معاملن جي حوالي سان منعقد اهم اجلاس ۾ ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب اجلاس ۾ مل?? ۾ ??ڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري جي راهه هموار ڪرڻ جي لاءِ وڏو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ عالمي ساک رکندڙ انٽرنيشنل آپريٽرز جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون. پهرين مرحلي ۾ ملڪ جي ٽن وڏن هوائي اڏن کي انٽرنيشنل آپريٽرز جي ذريعي هلايو ويندو. انٽرنيشنل آپريٽرز اسلام آباد، ل??هو?? ۽ ڪراچي جي هوائي اڏن کي هلائڻ ۾ مدد فراهم ڪندا. 20 کان 25 سالن جي عرصي جي مدي جي لاءِ انٽرنيشنل آپريٽرز انهن ادارن کي هلائڻ ۾ مدد ڪندا. ورلڊ بئنڪ جي ذيلي اداري انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن (آءِ ايف سي) جي مدد حاصل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن ڪنسلٽينسي جا فرض سرانجام ڏيندي. فيصلي موجب انٽرنيشنل آپريٽرز هوائي اڏن تي سروس جا عالمي معيار مهيا ڪندا. پرڏيهي سيڙپڪاري سان هوائي اڏن ۾ جدت ۽ بهتري آندي ويندي. اجلاس پبلڪ پ??ائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي کي ضابطي جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ان موقعي تي وزيراعظم سمورو عمل شفافيت جي اعليٰ ترين معيارن ۽ ملڪي قانونن موجب يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 44 ملڪن ۾ پبلڪ پ??ائيويٽ پارٽنرشپ جي فارمولي تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي. انهن ملڪن ۾ آمريڪا، برطانيا، ڀارت، بحرين، برازيل به شامل آهن. جتي پبلڪ پ??ائيويٽ پارٽنرشپ جي اصول تي هوائي اڏن جو انتظام هلايو پي?? وڃي.