اسلام آباد -27 آگسٽ (اي پي ??ي) قومي اسيمبلي جو اجلاس ڪورم پورو نه هئڻ ??بب جمعي جي صبح جو ساڍي ڏهين وڳي تائين م??توي ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جي اجلاس جي شروعات تي ئي مخالف ڌر طرفان اعتراض واري نقطي تي ڳالهائڻ لاءِ وقت طلب ڪيو ويو. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته ايجنڊا کي اڪلائ?? کان پوءِ اعتراض واري نقطي لاءِ وقت ڏنو ويندو. جنهن کان پوءِ مخالف ڌر جي ميمبر اورنگزيب ک??يء?? ڪورم جي نشاندهي ڪئي، ڳڻپ ڪرڻ تي ڪورم پورو نه نڪتو جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه اجلاس جمعي جي صبح جو ساڍي ڏهين وڳي تائين م??توي ڪري ڇڏيو.