اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته موجوده حڪومت ميڊيا جي آزادي تي يقين رکي ٿي، رياست جو چوٿون ٿنڀ هجڻ جي حيثيت سان ميڊيا جو معاشري ۽ حڪومتي قدمن تي عوامي راءِ قائم ڪرڻ ۾ ڪردار اهم حيثيت رکي ٿ??. ا??ڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۾ سڌارن، حڪومت پاران شروع ڪيل عوامي ڀلائي جي منصوبن، معاشي ۽ اقتصادي ترقي ۽ ملڪ جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ جي ڏس ۾ پريس انفارميشن ڊپا??ٽم??نٽ جو ڪردار ۽ مستقبل جي حڪ??ت علي تي بريفنگ وٺندي ڪيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، شهباز گل، اطلاعات واري سيڪريٽري زاهده پروين ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.