اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرپشن جي خلاف جهاد ۾ پوري قوم شريڪ آهي، ماضي ۾ اهو پسئو جيڪو عوام جي ڀلائي تي خرچ ٿيڻو هو، مني لانڊرنگ جي ذريعي ٻاهر کڻي وڃي محلاتون ٺاهيون ويون، ڪڪ بيڪس ۽ ڪميشن جي لاءِ اهڙا منصوبا شروع ڪيا ويا جنهن جي ضرورت ئي نه هئي، ڪرپٽ قومون ڪڏهن به ترقي نٿيون ڪري سگهن، ڪرپشن سان ملڪي ترقي ۽ معيشت متاثر ٿيندي آهي ۽ عوام جي زندگي جون ضرورتون مهانگيون ٿي وينديون آهن، ڪرپٽ معاشرن ۾ سيڙپڪاري ناهي ا??ندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بدعنواني جي خاتمي جي ع??لمي ڏينهن جي موقعي تي پنجاب حڪومت طرفان اينٽي ڪرپشن ايپ جي ا??تتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.