اسلام آباد – 14 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده غيرمعمولي صورتحال ۾ لاڪ ??ائ??ن کان وڌيڪ بک ۽ بدحالي خطرناڪ آهي، لاڪ ??ائ??ن ڪورونا جو علاج نه عارضي قدم آهي، جيستائين معيشت بحال نه ٿي ٿئي غريب ۽ لاچار طبقي جون مشڪلاتون وڌنديون، ڪورونا جي روڪٿا?? ۽ ??فاظتي تدبيرن جي حوالي سان قاعدن ۽ ضابطن تي عملدر??مد ڪرڻو پوندو، احتياطي تدبيرن بابت عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ گهرجي، پوليس عوام تي سختي بدران دوستاڻو رويو اختيار ڪري، لاڪ ??ائ??ن جي حوالي سان حڪومتي پاليسي بلڪل واضح آهي، عوام جي زندگين کي غيرضروري خطري ۾ وجهڻ کانسواءِ هر ان شعبي ۾ سهولت ڏني ويندي جنهن سان عوا?? ۽ ??اص طور تي غريب ۽ سفيد پوش ماڻهن جو ڪاروبار واڳيل آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪوويڊ 19 جي صورتحال جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.