اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري معيشت جي حوالي سان غيرمعمولي حالتون آهيون، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ غيرمعمولي حالتن ۾ پيش ڪئي پئي وڃي، انهن حالتن کي نظر ۾ رکندي ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته غيرترقياتي خرچن ۾ ڪٽوتي ڪئي وڃي ۽ ترقياتي خرچ وڌايا و??ن، روزگار جا ڀرپور موقعا پيدا ڪيا و??ن، صوبائي حڪومتون صنعتي شعبي ۽ زراعت ج?? ترقي، غيرضروري حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي ۽ صحت جي شعبي جي اپ گريڊيشن تي خاص ڌيان ڏين. هن اهڙئن خيالن جو اظهار وفاق، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي مالي سال 21 – 2020ع جي مجوزه بجيٽ ج?? حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وخزير محمود خان جي م??اش?? ٽيم پنهنجي پنهنجي صوبن جي ايندڙ مالي سال 21 – 2020ع جي بجيٽ ج?? اوڳاڙين، خرچن ۽ بجيٽ ج?? حوالي سان زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي پنهنج?? ترجيحن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته هن وقت پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري معيشت جي حوالي سان غيرمعمولي حالتون آهن. ايندڙ مالي سال جي بجيٽ غيرمعمولي حالتن ۾ پيش ڪئي پئي وڃي. انهن حالتن کي نظر ۾ رکندي ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته غيرترقياتي خرچن ۾ ڪٽوتي ڪئي وڃي ۽ ترقياتي خرچ وڌايا وڃن.