اسلام آباد – 24 جون (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان قيمتي پٿرن جي شعبي ۾ درپيش مسئلن جي حل ۽ ان جي فروغ جي حوالي سان تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي چ??و آهي ته قدرت پاڪستان کي تمام گهڻن قدرتي وسيلن سان نواز??و آهي، قيمتي پٿرن جي شعبي جي فروغ سان نه رڳو نوجوانن جي لاءِ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا پر ان س??ن ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ڪرڻ ۾ پڻ تمام گهڻي مدد ملندي. هو ملڪ ۾ موجود مختلف جواهر جي قدرتي ذخيرن کي استعمال ۾ آڻڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ موجود قيمتي پٿرن (زمرد، لعل، ياقوت، نيلم) جي تصديق ٿيل ذخيرن، شعبي ۾ ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ، جواهر جي حوالي سان پرڏيهي سيڙپڪاري، روانگي واپار ۽ ان ڏس ۾ و??اقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ ڪوآرڊينيشن ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن تي تفصيلي غور ڪيو ويو. قيمتي جواهر جي شعبي ۾ ملڪي صلاحيت م??ن مڪمل طور تي فائدو کڻڻ ۽ ان حوالي س??ن ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي جي ڏس ۾ ايندڙ رڪاوٽن ۽ لاڳاپيل ايشوز تي پڻ تفصيلي غور ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته قدرت پاڪستان کي تمام گهڻن قدرتي وسيلن سان نواز??و آهي. هن چيو ته بدقسمتي س??ن ماضي ۾ انهن وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ تي ڪو ڌيان نه ڏنو ويو. جواهر جي شعبي جي فروغ سان نه رڳو ان سيڪٽر ۾ نوجوانن جي لاءِ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا پر ان س??ن ملڪ جي روانگي واپار ۾ اضافي ۾ پڻ تمام گهڻي مدد ملندي.