اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته منهنجي ڪنهن س??ن دشمني نه آهي، نه ڪنهن کان بدلو وٺڻ چاهيان ٿو، جيستائين ليڊرشپ جو احتساب نه ٿيندو ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي، امير ۽ غريب جي وچ ۾ وڌندڙ فرق ترقي جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي، ڪشمير جو مسئلو پوائنٽ آف نوريٽرن تي پهچي ويو آهي، ميرٽ ۽ ليڊرشپ جو احتساب جمهوريت جو بنيادي اصول آهي، ملڪ ۾ صح??ح معنيٰ ۾ احتساب جو عمل نه هليو ته اسان اڳتي نه وڌي سگهنداسين. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ سيشن دوران پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومتي قدمن ۽ پا??يس??، معيشت جي صورتحال، پرڏيهي محاذ تي پاڪستان جي ڪاميابين جو تفصيل سان ذڪر ڪيو.