اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص مع??ون ۽ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽي??نٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته 330 ميگاواٽ جي ٿر بلاڪ ٽو پاور پلانٽ تي ڪم تيزي سان جاري آهي. هڪ ٽوئيٽ ?? هن چيو ته ٿر انرجي لميٽيڊ ۽ حبڪو ڪوويڊ 19 سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کان متاثر ٿيڻ کانسواءِ منصوبي تي ڪم ڪري رهيا آهن، ان منصوبي ۾ 50 ڪروڙ ڊالر جي سيڙپڪاري ٿي آهي ۽ 805 مقامي ماڻهن کي سڌوسنئون روزگار مليو آهي. هن چيو ته ان منصوبي جي مال??ات?? مع??ملن کي هلندڙ سال 31 جنوري تي حتمي شڪل ڏني وئي هئي.