اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڄ سياحت جي عالمي ڏهاڙي جي حوا??ي سان پنهنجي پيغام ۾ چيو آه?? ته پاڪستان پوري دنيا سان گڏجي سياحت جو عالمي ڏهاڙو ملهائي رهيو آه?? جيڪو خوشي جوڳو آه??. هلندڙ سال سياحت جي عالمي ڏهاڙي جو موضوع سياحت ۽ ڳوٺاڻي ترقي چونڊيو ويو آه??. هر سال گڏيل قومن جي عالمي سياحت جي اداري (يو اين ڊبليو ٽي او) جي اهتمام هيٺ اهو ڏينهن ملهايو وڃي ٿو جنهن جو مقصد معاشري، ثقافت ۽ ڪنهن به ملڪ جي معاشي ترقي تي سياحت جي اثرن جي حوا??ي سان عالمي برادري ۾ آگاهي ۽ شعور اجاگر ڪرڻ آه??. هن چيو ته پاڪستان جهڙن ملڪن جي وڌيڪ آبادي ڳوٺاڻن علائقن ۾ رهي ٿي ۽ هلندڙ سال سياحت ۽ ڳوٺاڻي ترقي جي موضوع تي ملهائجندڙ عالمي ڏهاڙي جي مناسب سان سياحت سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.